جلال الدين سرخ بخاري

جلال الدين سرخ بخاري: مشهور صوفي بزرگ، جلال الدين سرخ بخاريءَ جي ولادت، بخارا (موجوده ازبڪستان) ۾ 5 ذوالحج 595هه/ 28 سيپٽمبر 1200ع تي ٿي. ابتدائي تعليم بخارا شهر ۾ ئي پنهنجي والد سيد ابوالمويد عليءَ جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪيائين. چاليهن سالن جي عمر ۾ برصغير ۾ آيو. ڪن تاريخن ۾ سندس هتي اچڻ جي تاريخ 630هه/ 1232ع لکي آهي. بخارا ۾ سيد قاسم جي ڌيءَ فاطمه سان شادي ڪيائين. هن کي ڪل 22 پٽ ٿيا. هن جي لقبن مان سرخ پوش، مير سرخ، شير شاهه، شريف الله، مخدوم اعظم، عظيم الله، ابوالبرڪات، ابو احمد، مير بزرگ وغيره مشهور آهن. سندس نسبي شجرو نائين پيڙهيءَ ۾ حضرت امام علي نـقيءَ سان ملي ٿو. مير سرخ بخاري بن سيد ابوالمويد علي بن سيد جعفر بـن سـيـد محمد بن سيد محمود بن سيد احمد بن سيد عبدالله بن سيد علي اصغر بن سيد جعفر ثاني بن امام علي نقي. هيءُ بخاري خاندان جو بـرصغـيـر ۾ جـد امـجـد هو. پهريائين ملتان آيو ۽ پوءِ بکـر ويو، جتي سيد بدرالدين بکريءَ جي نياڻي سان شادي ڪيائين. پوءِ نزاع سبب وري ملتان آيو، چيو وڃي ٿو ته ملتان ۾ حضرت بهاؤالدين ذڪريا جي خانقاهه ۾ (سال 635 هه/ 1237ع ڌاري) رهائش اختيار ڪيائين. اتي ٽيهه سال مرشد جي خدمت ۾ رهي خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. بهاؤ الدين زڪريا جي وفات کان ڪجهه سال پوءِ مرشد زادي (شيخ صدرالدين عارف) جي اجازت سان اچ ويو. حضرت سرخ پوش جو انتقال اٽڪل 95 سالن جي عمر ۾ 19 جمادي الاول 690 هه/ 20 مئي 1291ع ۾ ٿيو. سندس وفات جو هنڌ چناب رسول پور هو، کيس اچ شريف کان 6 ڪوهه پري دفنايو ويو. بعد ۾ درياهه جي پائڪ سبب کيس سيونڪ بيلا ۾ دفنايو ويو، اتي به درياهه جي پائڻ سبب کيس حضرت راجن قتال جي مزار جي ڀر ۾ دفنايو ويو. پوءِ مخدوم حـامد نو بهار اول (ڪن ثاني لکيو آهي) جي چوڻ تي سندس تدفين لاءِ ٻـئـي هـنـڌ جـو انـتـخـاب ٿـيـو، پـر ان تـي ذري گهـٽ جهـڳــڙو ٿي پيو، پر پوءِ به چوٿون ڀيرو سندس خاڪ اتي دفنائي وئي، جتي هن وقت آهي. موجوده مزار 1261هه/ 1845ع ۾ نواب بهاول خان ثالث ٺهرائي، پوءِ وري 1300هه/ 1882ع ۾ نواب صادق محمد خان ان جي مرمت، وسعت ۽ خوبصورتيءَ جو اهتمام ڪيو.
بزرگ جلال سرخ بخاري بابت روايت آهي ته ٻن پٽن سميت 40 سالن جي عمر ۾ سنڌ آيو هو ۽ ڪن مورخن لکيو آهي ته سندس ٻئي پٽ واپس بخارا ويا، جتي سندن مزارون به آهن. ڪن مؤرخن لکيو آهي ته هي بزرگ چنگيز خان سان به مليو هو ۽ کيس اسلام جي دعوت ڏني هئائين، جنهن تي هو اول ڪاوڙيو ۽کيس سزا ٻڌايائين، پر پوءِ کيس پنهنجي نياڻي ڏنائين. پوئين گهر (سيد قاسم حسين بخاري جي ڌيءَ فاطمه) مان کيس ٻه پٽ سيد علي ۽ سيد جعفر پيدا ٿيا. هن بزرگ اچ ۾ 1244ع ۾ رهائش اختيار ڪئي پوءِ هن سيد بدرالدين جي نياڻي (زهريٰ) سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس سيد محمد غوث فرزند ٿيو، زهريٰ جي وفات بعد سندس ٻي ڀيڻ فاطمه سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس سيد احمد ڪبير (مخدوم جهانيان جهان گشت جو والد) پيدا ٿيو. انهيءَ دوران هي هڪ ڀيرو بخارا به ويو ۽ وري واپس آيو، هيءُ ’جلالي‘ سهروردي صوفي طريقي جو باني سمجهيو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1200.09.28  عيسوي

جلال الدين سرخ بخاريءَ جي ولادت ، بخارا ( موجوده ازبڪستان ) ۾ 5 ذوالحج 595هه/ 28 سيپٽمبر 1200ع تي ٿي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺٽي جا مغل نواب
صالح ملا
جَون ايليا
مير نور محمد ٽالپر ڊاڪٽر
جالنڌري حفيظ
صبيحه مغل ڊاڪٽر
چنا شبيران
اخلاق حسين
جسو ۽ جسراج
اختر هالائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون